سيد شفيق حيدر موسوي

سيد شفيق حيدر موسوي

سيد شفيق حيدر موسوي

سيد شفيق حيدر موسوي: ناميارو انجنيئر ۽ مختلف ادارن ۽ تنظيمن جو بانيڪار سيد شفيق حيدر موسوي، روهڙيءَ جي مشهور موسوي سادات گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. سندس جنم مئي 1951ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. هن مئٽرڪ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان 1966ع ۾ ڪئي ۽ سول انجنيئرنگ ۾ بيچلر ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، جنهن بعد ماسٽرس آسٽريليا جي يونيورسٽي آف سائوٿ ويلز مان ڪيائين. آسٽريليا ۾ رهڻ دوران هن مئنيجمينٽ، ڪمپيوٽر ۽ هيلٿ اينڊ سيفٽي جا مختلف ڪورس پڻ ڪيا، جڏهن ته پشاور مان لوڪل گورنمينٽ جي مضمونن تي پڻ ڪورس ڪيو.
سيد شفيق حيدر عملي زندگيءَ ۾ هڪ قابل انجنيئر ۽ بهترين منتظم طور پاڻ مڃايو آهي. پنهنجي ڪيريئر دوران هن 340 ڪلوميٽر روڊن، ڪيترن سرڪاري ڪاليجن ۽ صحت مرڪزن، پلين ۽ اسپتالن جي تعمير ڪرائي، جڏهن ته آسٽريليا ۾ هڪ اسپتال، 24 ٽائون هائوسنگ اسڪيمون ۽ اتان جي ٽئين وڏي درياهه مٿان 11 پُليون پڻ مڪمل ڪرايون. اتي هن چارلس- اسٽرٽ، هاءِ. وي جي بحاليءَ جو ڪم به سرانجام ڏنو. سيد شفيق حيدر، سنڌ جي ورڪس ۽ سروسز کاتي ۾ چيف انجنيئر ۽ ڊائريڪٽر جنرل طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. هڪ تعميراتي رٿا جي وقت کان اڳ تڪميل ۽ لاڳت جي 11 سيڪڙو بچت ڪرڻ تي کيس وزيراعليٰ سنڌ طرفان گولڊ ميڊل پڻ مليو.
شفيق حيدر موسوي شاگرديءَ واري زماني ۾، نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۽ راندين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ 28 مختلف ٽرافيون، ڪپ، تعريفي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا.
1996ع ۾ هن مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي اليومناءِ ائسوسيئيشن جو بنياد وڌو، جنهن جو هي باني صدر پڻ چونڊيو ويو. هي سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ۽ سنڌ سول سوسائٽي ڪراچيءَ جو بانيڪار به آهي.
سيد شفيق حيدر موسويءَ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ يونيورسٽي سطح جي هڪ اداري ’انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنسز اينڊ آرٽس‘ (امسا) جو قيام عمل ۾ آندو آهي. گذريل 14 سالن ۾ امسا جا 4 ڪئمپس ٻنهي شهرن ۾ قائم ڪيا ويا آهن، جن جو الحاق سنڌ يونيورسٽيءَ سان آهي. هن اداري ۾ بزرنس ائڊمنسٽريشن، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، مئنيجمينٽ سميت انگريزي سکيا جا مختلف ڪورس ۽ ڊگري پروگرام پڻ شامل آهن. هن سنڌ ۾ ٽيڪنيڪي تعليم جي فروغ لاءِ هڪ ٽرسٽ به قائم ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو